يارو فقيرريڍار

يارو فقير ريڍار : يارو فقير ميان نصير محمد جي رڍن ۽ ٻين گهريلو جانورن جي سنڀال ڪندو هو. جيئن ته ڪاڇي جو علائقو جابلو آهي، برسات جي موسم ۾ سڄو علائقو آباد ٿي ويندو هو، جنهن ڪري هي وڏي چراگاهه ۾ تبديل ٿي ويندو هو، ٻڪريون، رڍون، اٺ، گهوڙا ۽ ڳائو مال هن علائقي جو قيمتي سرمايو سمجهيا ويندا هئا. کير مکڻ، جانورن جون کلون، هڏا ۽ انهن مان ٺهندڙ شيون درآمد جو اهم ذريعو هئا، ان ڪري جابلو علائقي جا ماڻهو ميان صاحب کي رڍون، ٻڪريون ۽ ٻيا قيمتي جانور ڍل طور ڏيندا هئا. ساڻس ملاقات وقت اهي جانورن نذراني يا تحفي طور پيش ڪندا هئا، انهن جانورن ۾ اڪثريت رڍن جي هوندي هئي، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي وينديون هيون، ان ڪري يارو ريڍار تي اها ذميواري رکي وئي هئي ته انهن جانورن جي حفاظت ڪري ۽ انهن جي گاهه وغيره جو بندوبست ڪري ۽ جانور وڪرو ڪري حڪومت کي فنڊ مهيا ڪري. ان کانسواءِ ميان جي مريدن ۽ فوجي قبيلن جي اجتماعن ۽ جنگي مهم دوران کاڌي لاءِ انهن جانورن جو گوشت مهيا ڪري. يارو ريڍار پنهنجي اها ذميواري خوش اسلوبيءَ سان سر انجام ڏيندو هو، سندس فرض ادائگي جي ڪري کيس ريڍار سڏيو ويندو هو. سندس مزار سيوي جمالي جي ڳوٺ کان اولهه طرف اٺن ڏهن ميلن جي فاصلي تي جبل ۾ آهي، جنهن جبل کي ’ياري وارو ڏاٺ‘ سڏيو وڃي ٿو. مزار تي ڳچ ۽ چيروليءَ سان مقبرو تعمير ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو